سکر(بيورو رپورٽ) خيرپور شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪم جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري مين گيٽ کان ايڊمن بلاڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي احتجاج جي اڳواڻي حاڪم علي ڦلپوٽو، عبدلوحيد سانگڙي ،سيد سفير عباس شاه، گلمير ڪٽوهر، لطيف ڏنو پھوڙ، لياقت ڏوگر،۽ ٻيا ڪري رهيا هئا اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاه عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا پورهيت دشمن پاليسي اختيار ڪندي 2007,2008,2009 کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ڪرڻ جنهن جي منظوري سينڊيڪيٽ ڏني آهي جيڪا ميٽنگ 10 مئي تي ٿيڻي هئي جيڪا هن مهل تائين نه ٿي آهي 11 گريڊ کان 14 گريڊ ۾ اپگريڊ ٿيندڙ ڪلارڪن کي فڪسيشن آڊر نه ڏنا ويا آهن ڊي پي سي ڪنوينر کي هٽائي سينئر آفيسر کي مقرر ڪيو وڃي 2022 جي رهيل ليوانڪيشمينٽ سو سيڪڙو جلد کان جلد ڏني وڃي، جيڪا ڊي پي سي 23 مئي تي ٿيڻي آهي ان جو سرڪولر جاري ڪيو وڃي جنهن ملازم اپلائي ڪري سگهن، اڳواڻن چتاءُ ڏيندي چيو ته اگر انتظاميا اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ته  مڪمل ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ايڊمن بلاڪ آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو.