شاهه رخ خان ۽ آريان جيل ۾ ملاقات دوران روئي ويٺا

0
185
شاهه رخ خان ۽ آريان جيل ۾
شاهه رخ خان ۽ آريان جيل ۾ ملاقات دوران روئي ويٺا

بالي ووڊ جي سپراسٽار شاهه رخ خان اڄ صبح جو سينٽرل جيل ممبئي پهچي منشيات ڪيس ۾ گرفتار پنهنجي پٽ آريان سان ملاقات ڪئي، ڀارتي ميڊيا موجب ملاقات دوران شاهه رخ ۽ سندس پٽ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ دوران روئي ويٺا

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب شاهه رخ ۽ سندس پٽ آريان وچ ۾ جيل اندر ملاقات 18 منٽن تائين جاري رهي. شاهه رخ خان کي جيل جي قيدين واري ميٽنگ سيشن پهچايو ويو، جتي کيس پٽ سان ڳالهائڻ لاءِ انٽرڪام فراهم ڪيو ويو. ٻئي پيءُ پٽ هڪ ٻئي کي آمهون سامهون ڏسي جذباتي ٿي ويا ۽ روئڻ لڳا

منشيات ڪيس ۾ نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو پاران گرفتار ٿيڻ بعد اهو پهريون ڀيرو هو جو آريان سان خاندان جي ڪنهن فرد ملاقات ڪئي

رپورٽس موجب پٽ سان ملاقات دوران پهرين شاهه رخ خان جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، جنهن بعد آريان به روئڻ شروع ڪيو ۽ پيءُ کان معافي وٺندي ڳالهائڻ شروع ڪيو، جنهن تي شاهه رخ خان کيس چيو ته مون کي تو تي مڪمل ڀروسو آهي

ملاقات دوران شاهه رخ ۽ آريان جي وچ ۾ شيشي جي ديوار هئي، شاهه رخ جي جيل ۾ ملاقات جي موقعي تي سيڪيورٽي سببن جي ڪري سمورو علائقو سيل ڪيو ويو هو. آريان خان جي ضمانت واري درخواست تي نئين ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي ٿيندي