ممبئي (شوبز نيوز) بالي وود ڪنگ شاهه رخ خان ڪينسر جي آخري اسٽيج ۾مبتلا پنهنجي هڪ مداح عورت جي آخري خواهش پوري ڪري ڇڏي. ٽوئيٽر تي ڪيترن ئي ڏينهن کان هڪ پوسٽ وائرل ٿي رهي هئي جنهن ۾ هڪ ڇوڪري پريا ٻڌايو ته ڪينسر ۾ مبتلا هن جي ماءُ شواني چڪرورتي جي آخري خواهش آهي ته هوءَ شاهه خان سان ملاقات ڪري. شاهه رخ خان ڪينسر جي مريض جي آخري خواهش پوري ڪري ڇڏي آهي ۽ هن وڊيو ڪال ذريعي شواني سان 40 منٽن تائين ڳالهايو آهي. پريا چڪرورتي ڀارتي ميڊيا کي ٻڌايو ته شاهه رخ خان منهنجي ماءُ جي صحت لاءِ دعا ڪئي ۽ واعدو ڪيو آهي ته هو منهنجي شاديءَ ۾ شرڪت ڪندو. سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان شاهه رخ خان جي ان عمل جي گھڻي تعريف ڪئي پئي وڃي ۽ ڪجهه واهپيدارن لکيو ته شاهه رخ خان جي دل سون جي آهي.