شاهه رخ خان پنهنجي ٽيم جي شڪست تي خوش ڇو آهي؟

0
254
شاهه رخ خان پنهنجي ٽيم
شاهه رخ خان پنهنجي ٽيم جي شڪست تي خوش ڇو آهي؟

بالي ووڊ ڪنگ ۽ آءِ پي ايل ٽيم ڪولڪته نائٽ رائيڊرز يعني (ڪي ڪي آر) جي مالڪ شاهه رخ خان آءِ پي ايل جي هڪ دلچسپ مقابلي ۾ پنهنجي ٽيم جي شڪست بعد چيو آهي ته اسان جي ٽيم هارائي وئي آهي پر جيڪڏهن شڪست ائين ئي ٿيڻي آهي ته پوءِ اِهو طريقو صحيح آهي

راجسٿان رائلز ۽ ڪولڪته نائٽ رائيڊرز وچ ۾ ميچ ۾ دلچسپ مقابلو ڏسڻ ۾ مليو، راجسٿان رائلز پنج وڪيٽن تي 217 رنز  ٺاهيون، جڏهن ته ڪولڪته نائٽ رائيڊرز 210 رنز ٺاهي سگهي

ڪي ڪي آر جي ڪپتان شرياس ائير ۽ ايرون فنچ جي هاف سينچري  باوجود ٽيم هارائي وئي

دلچسپ مقابلي ۾ شڪست  کائڻ بعد مايوسي جو شڪار ٿيل ٽيم ميمبرن جو حوصلو شاهه رخ خان پنهنجي انداز ۾ وڌايو

هڪ ٽوئٽ ۾ شاهه رخ خان چيو ته“اوهان سٺو کيڏيو” شرياس، ايرون، اميش شاندار ڪوشش ڪئي، سنيل کي 150 هين ميچ تي واڌايون هُجن

شاهه رخ خان لکيو ته  مونکي خبر آهي ته اسان هارائي ويا آهيون پر اسان کي هارائڻو ئي آهي ته پوءِ اهو طريقو صحيح آهي

شاهه رخ خان جي ٽوئٽ بعد عام شهري به سوشل ميڊيا تي ٽيم ميمبرن جي حوصلا افزائي لاءِ ٽوئٽ ڪندا رهيا ۽ شاهه رخ خان جي جذبي کي پڻ ساراهيو ويو