ممبئي: (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي بادشاهه شاهه رخ خان جي ايندڙ فلم(پٺان) جي عملي جو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ ڪنگ خان قرنطينه ۾ هليو ويو.ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان گذريل ڪجهه وقت کان فلم پٺان جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي پر ان جي شوٽنگ جي عملي جي ڪجهه ماڻهن ۾ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کان پوءِ فلم جي شوٽنگ کي ٻن ڏينهن جي لاءِ روڪيو ويو آهي ۽ شاهه رخ خان احتياطي قدمن جي طور تي پاڻ کي آئسوليٽ ڪري ڇڏيو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب يش راج پروڊڪشن ۽ فلم جا ميمبر ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهن. فلم جي سيٽ تي به عملي جو باقاعدگي سان ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي ۽ فلم جا سمورا ميمبر هڪ هوٽل ۾ ترسيل آهن هنن کي هوٽل کان سيٽ تائين کڻي ويندڙ ماڻهن جو به ٽيسٽ ڪيو ويندو آهي. پر ڪجهه ڀارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه رخ خان جون سيلف آئسوليشن ۾ وڃڻ واريون خبرون بي بنياد آهن فلم جي شوٽنگ جاري آهي پر سومر ۽ اڱاري تي شوٽنگ تان ٻن ڏينهن جو بريڪ ورتو ويو هو.فلم پٺان ۾ شاهه رخ خان کان علاوه دپيڪا پڊوڪون ۽ جان ابراهيم به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا. فلم 2022 ۾ رليز ڪرڻ جو امڪان آهي.