شاهه رخ خان فلم “پٺاڻ”جو سيڪوئل ٺاهڻ لاءِ تيار

0
256

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان باڪس آفيس تي ڪاميابي کانپوءِ فلم ”پٺاڻ“ جو سيڪوئل ٺاهڻ لاءِ تيار آهي

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب فلم “پٺاڻ”جي هدايتڪار سڌارٿ آنند چيو آهي ته شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز آهي

هن چيو ته ڪنهن ٻئي هدايتڪار وانگر شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ منهنجو خواب هو، جيڪو ساڀيان ٿيو

سڌارٿ آنند موجب سچ اهو آهي ته فلم پٺاڻ جي چوڌاري ماحول گذريل ڪجھ مھينن کان ٿورڙو دٻاءُ وارو آھي، يعني فلم جي مخالفت به ٿي رهي آهي

هڪ صحافي سوال ڪيو ته ڇا فلم جو سڪيوئل به ايندو، جنهن تي هن چيو ته اِن لاءِ به تيار آهيون

واضح رهي ته شاهه رخ جي فلم پٺاڻ باڪس آفيس ۾ هيل تائين 500 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري چڪي آهي

هي به پڙهندا

شاهه رخ خان جي فلم “پٺان” فلم اوتار 2 جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو