شاهه رخ خان جي گرفتاري بعد پٽ سان پهرين ملاقات: آريان خان روئي ڏنو

0
383
شاهه رخ خان جي گرفتاري بعد پٽ سان پهرين ملاقات: آريان خان روئي ڏنو
شاهه رخ خان جي گرفتاري بعد پٽ سان پهرين ملاقات: آريان خان روئي ڏنو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيور (اين سي بي) ۾ گرفتار پُٽ آريان خان سان ملاقات ڪئي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آريان خان مبينا طور تي پيءُ سان پهرين ملاقات دوران گهڻو جذباتي ٿي ويو ۽ جذباتن تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ روئي ڏنو.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه رخ خان اين سي بي وٽ گرفتار آريان خان سان ملڻ جي لاءِ اجازت گهري هئي جنهن کانپوءِ آريان خان پيءُ سان ملاقات دروان لڙڪ نه روڪي سگهيو.واضح رهي ته آريان خان منشيات ڪيس ۾ نارڪوٽڪس وٽ گرفتار ٿيل آهي.ٻئي طرف اداڪار ريٿڪ روشن انسٽاگرام اسٽوري اڪائونٽ تي آريان جي هڪ تصوير شيئر ڪندي هڪ ڊگهو ڪيپشن لکيو ڪيپشن ۾ انکي مضبوط بيهڻ ۽ ڏکي وقت کي منهن ڏيڻ جو مشورو ڏنو.

هن آريان خان کي مخاطب ٿيندي لکيو ته زندگي بلڪل غير يقيني آهي پر خدا وڏو رحيم آهي، اهو مضبوط ماڻهن کي ئي ڏکيائين ۾ وجهندو آهي ڇو ته مضبوط ماڻهو ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهندا آهن، انڪري توهان کي ڏکيو وقت ڏيکاريو پيو وڃي.ريٿڪ روشن لکيو ته مونکي يقين آهي ته آريان خان ان ڏکي وقت کي سٺي طريقي سان حل ڪري ويندو.آريان خان جي حوصلا افزائي ڪندي هن چيو ته مونکي خبر آهي ته آريان هن وقت ڪنفيوز، ڪاوڙيل ۽ بي يارو مددگار هوندو،

اهي سڀ ڏکيايون توهان جي اندر جي هيرو کي ختم ڪرڻ آيون آهن پر توهان پنهنجو پاڻ کي ڪمزور نه سمجهجو نه ئي پاڻ کي ڪمزور بڻائجو، انهن ڏکيائين جو مضبوط سان منهن ڏجو ۽ هر ان شيءِ کي کليل دل سان قبول ڪجو جيڪي تجربا توهان ڪيا آهن.اداڪار پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته آريان هن ڏکين ڏينهن کي ياد رکو ۽ خوشي سان انهن کي قبول ڪيو،

يقينن اوندهه کانپوءِ روشني ٿيندي آهي، مان سدائين آريان خان سان گڏ آهيان ۽ ان سان محبت ڪريان ٿو.