نئين دهلي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان جي ڌيءَ سهانا خان دبئي ۾ پنهنجي پاڪستاني هم شڪل بريحه سان ملاقات ڪئي جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته واهپيدارن ٻنهي ۾ ايتري هڪجهڙائي کي حيرت جوڳو قرار ڏنو آهي.شاهه رخ جي ڌيءَ ۽ بالي ووڊ انڊسٽري ۾ قدم رکڻ واري سهانا خان دبئي ۾ موڪلون ملهائي رهي آهي جنهن دوران هوءَ پنهنجي هم شڪل بريحه سان ملي، پاڪستان سان واسطو رکندڙ بريحه ان ملاقات جون تصويرون سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيون. تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سهانا کي گلن جي پرنٽ وارو لباس پهريل  آهي جڏهن ته بريحه کي نيري رنگ جو جمپ ڪوٽ پاتل آهي ۽ ٻئي خوشگوار موڊ ۾ نظر اچي رهيون آهن. سوشل ميڊيا تي واهپيدار سندن تصويرن تي دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن، هڪ لکيو ته نيٺ ٻئي ڀيڻون ملي ويو ٻنهي ۾ حيرت جوڳي هڪجهڙائي آهي.