ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي مشهور رقص ڪندڙ اداڪارا نورا فتيحي سان ڊيٽنگ جا افواهه سرگرم آهن. بالي ووڊ ڪنگ جا ٻار پنهنجي زندگي جي حوالي سان اڄ ڪلهه سرخمين ۾ آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ خبر آئي هئي ته شاهه رخ جي ڌيءُ سهانا اميتاب بچن جي ڏوهٽي سان محبت ۾ مبتلا آهي. ڀارتي ميڊيا موجب نورا فتيحي ۽ آريان خان کي دبئي جي هڪ پارٽي ۾ گڏ ڏٺو ويو آهي ۽ ٻنهي جون وڊيوز ۽ تصويرون هڪ ويب سائٽ تي پوسٽ ڪيون ويون آهن. تصويرون سامهون ايندي ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ فلمي مداحن بنهي وچ ۾ لاڳاپن تي بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڪيترن ئي واهپيدارن تبصرو ڪندي لکيو ته نورا فتيحي ۽ آريان خان وچ ۾ ڪجهه هلي رهيو آهي ۽ جلد ان جي خبر اڳيان ايندي. ڪيترن ئي واهپيدارن صرف ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز جي بنياد تي ٻڻهي وچ ۾ رليشن شپ کي درست مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. ان کان سواءِ ڀارتي اداڪارا نورا فتيحي ۽ آريان خان طرفان ان تعلق بابت ڪوبه رد عمل سامهون نه آيو آهي.