ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي سپر اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”جوان جي رليز ملتوي ٿيڻ جي هڪ ڏينهن کان پوءِ ان جي نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويو“. ميڊيا رپورٽن موجب ”جوان“ 2 جون تي سينيما گھرن ۾ نمائش لاءِ پيش ٿيڻي هئي پر فلمسازن اوچتو تاريخ مٽائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هاڻ اها 7سيپٽمبر تي ڀارت سوڌو ٻين ملڪن ۾ رليز ڪئي ويندي. شاهه رخ خان جي پروڊڪشن ڪمپني ”ريڊ چليز انٽرٽينمينٽ“ جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم ”جوان“ ۾ سپر اسٽار ايڪشن ۾ نظر ايندو جڏهن هن سان گڏ اداڪارا نين تارا ۽ اداڪار وجي سيٿوپتي به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو. ان فلم جي پروڊيوسر  شاهه رخ خان جي زال گوري خان جڏهن ڊائريڪٽر ايٽلي ڪمار آهي. شاهه رخ خان انسٽاگرام تي فلم جون نئون موشن پوسٽر جاري ڪيو جنهن ۾ هڪ شخص نيزي سان گڏ ٽپو لڳائيندي نظر اچي رهيو آهي. سندس سڄي جسم تي پٽيون ٻڌل آهن.