ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان حقيقي زندگيءَ ۾ به ڪنگ نڪتو. شاهه رخ خان ايشيا جو امير ترين اداڪار بڻجي ويو آهي. شاهه رخ خان مشهور اداڪار ٽام ڪروز، جارج ڪلوني ۽ رابرٽ ڊي نير کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ آمريڪي رسالي امير ترين اداڪارن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ شاهه رخ خان کي ايشيا جو امير ترين اداڪار قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته دنيا ۾ شاهه رخ خان ٻئي نمبر تي امير ترين اداڪار قرار ڏنو ويو آهي. بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان کي 770 ملين ڊالرن جو مالڪ هئڻ سبب ايشيا جو امير ترين اداڪار ۽ دنيا جو ٻيو نمبر امير ترين اداڪار قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته بالي ووڊ شهنشاهه اميتاب بچن دنيا جي امير ترين اداڪارن جي لسٽ ۾ ستين نمبر تي آهي.