ملير(رپورٽر)  شاهزيب قتل ڪيس ۾ باندي بڻايل شاهه رخ جتوئي ڏهن سالن بعد ملير جيل مان آزاد، ان ڏس ۾ شاهه زيب قتل ڪيس ۾ باندي بڻايل شاه رخ جتوئي ڏهه سال جيل ۾ رهڻ بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ملير جيل مان آزاد ٿي ويو ، شاهه رخ جتوئي کي آزادي بعد ميڊيا کان پاسيرو رکندي خاموشي سان جيل مان نامعلوم هنڌ روانو ڪيو ويو، شاهه رخ جتوئي جي وارثن پاران مقتول شاهه زيب جي والدين سان دعيت جي عيوض ٺاهه ڪيو ويو هو، ۽مقتول جي وارثن ملزمن کي معاف ڪيو پر سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پاران واقعي جو سوموٽو نوٽس وٺي شاهه رخ جتوئي ۽ سندس ساٿين خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس هلايو ويو،  ملزمن کي موت ۽ عمر قيد جي سزا ڏني وئي، جنهن خلاف شاهه رخ جتوئي ۽ ٻين جي وارثن پاران سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي جنهن تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ 18 آڪٽوبر تي جوابدارن جي درخواست تي دهشتگردي ٽوڙ قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن بعد شاهه رخ جتوئي کي ملير جيل مان خاموشي سان آزاد ڪيو ويو، رات دير تائين  سراج ٽالپر ۽ سجاد ٽالپر جي آزادي جي تصديق نه ٿي هئي