ڍاڪا(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان بنگلاديش خلاف ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي ٽيم جو پرڏيهي وزير قرار ڏئي ڇڏيو.ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ شاداب خان ٽوئيٽر تي ٽيم جي تصوير سان گڏ هڪ پيغام لکيو، هن الله پاڪ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته بنگلاديش ۽ سڀني مداحن جا بهترين ميزبان بڻجڻ تي ٿورا، جن اسان کي گهر وانگر محسوس ڪرايو.هن لکيو ته اهو تجربو شاندار رهيو، جڏهن ته شاداب، ڏاهاڻي کي مينشن ڪندي چيو ته اسان جي ٽيم جي پرڏيهي وزير کي ڊيبيو تي مبارڪ هجي. شاداب جي ٽوئيٽ تي ڏاهاڻي سندس ٿورا مڃيا ۽ پڇيو ته اهو پرڏيهي وزير جو ڇا سين آهي؟ جنهن تي شاداب وضاحت ڏيندي چيو ته جيئن توهان هر جاءِ تي ٽيم جي نمائندگي ڪئي ۽ عالمي ڪرڪيٽرن ۽ ٽيمن سان اسپورٽس مين اسپرٽ ڏيکاريو آهي ته توهان اسان جي دلين جا پرڏيهي وزير آهيو.واضح رهي ته شاهنواز ڏاهاڻي جون ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران تصويرون وائرل ٿيون هيون، جن ۾ هو عالمي ڪرڪيٽرن سان ملندي ۽ ڪچهري ڪندي نظر آيو، جنهن تي سوشل ميڊيا واهپيدارن به کيس پاڪستاني ٽيم جو پرڏيهي وزير قرار ڏنو هو.