شاهنواز ڏاهاڻي بهترين بالر قرار: اهڙا ئي نوجوان کپن: اظهر محمود

0
526

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ملتان سلطانز جي ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته محمد عامر ۽ مينجمينٽ کي گڏ ويهي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. ملتان سلطانز جي بالنگ ڪوچ ۽ اڳوڻي آل رائونڊر اظهر محمود جو چوڻ آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي ۾ انرجي آهي، هي اهڙو ڪرڪيٽر آهي، جيڪو سڀني جو جوش وڌائيندو آهي. اظهر محمود چيو ته نوجوان رانديگرن لاءِ اهم آهي ته هو دل کولي ڪرڪيٽ کيڏن، شاهنواز ڏاهاڻي کلي دل سان ڪرڪيٽ کيڏي ٿو، سندس ڪاميابي جو راز به اهو ئي آهي. اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته شاهنواز ڏاهاڻي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ آهي، مينجمينٽ کي ڏسڻو پوندو ته کيس ڪٿي کيڏائڻو آهي، شاهنواز ڪنهن به فارميٽ ۾ بهترين پرفارم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن چيو ته حارث رئوف زبردست بالر آهي، 2 چار ميچز هيٺ مٿي ٿيڻ سان ڪيريئر ختم نه ٿيڻ گهرجي. اظهر محمود چيو ته محمد عامر ۾ مهارت آهي، سندس مسئلا حل ٿيڻ گهرجن.