شاهزيب قتل ڪيس:سپريم ڪورٽ شاهه رخ جتوئي کي بري ڪري ڇڏيو

0
734

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ شاهزيب قتل ڪيس ۾ شاهه رخ جتوئي کي بري ڪري ڇڏيو آھي، جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪندي حڪم جاري ڪيو

عدالت پاران شاهزيب قتل ڪيس ۾ ٽن ٻين جوابدارن کي به بري ڪيو ويو آھي

Home - Supreme Court of Pakistan

وڪيل لطيف کوسا موجب ڌرين ۾ پهرين ٺاهه ٿي چڪو آهي جوابدارن طرفان دهشت پکيڙڻ جو ارادو نه هو

ياد رھي تھ 25 ڊسمبر 2012 تي درخشان ٿاڻي جي حد ۾ 20 ورھين جي نوجوان شاھ زيب کي پنھنجي ڀيڻ جي شادي تان گھر واپسي تي ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ قتل ڪيو ويو ھو

شاھ زيب قتل ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ شاھ رخ جتوئي ۽ نواب سراج ٽالپور کي موت جي سزا ٻڌائي ھئي، جڏھن تھ جوابدار نواب سجاد  ۽ غلام مرتضيٰ کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي ھئي

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو تبديل ڪندي چئني جوابدارن کي عمر قيد ٻڌائي ھئي، جڏھن تھ جوابدارن عمر قيد خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيلون داخل ڪري رکيون ھيون

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وقتي وي سي احمد سلطان جتوئي جا گرفتاري وارنٽ جاري