شاهد خاقان 7 ڏينهن اندر پنهنجي رويي تي معافي وٺي: قومي اسيمبلي اسپيڪر

0
236

اسلام اباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جَي اسپيڪر اسد قيصر، شاهد خاقان عباسي جي جوتو هڻڻ واري ڳالهه جو نوٽيس ورتو، اسيمبلي سيڪريٽريٽ اسپيڪر جي هدايت شاهد خاقان عباسي کي خط لکي ڇڏيو، نواز ليگ اڳواڻ کي 7 ڏينهن اندر معذرت ڪرڻ ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان طرفان طئه ٿيل وقت تي جواب نه ڏيڻ تي سمجهيو ويندو ته وٽس پنهنجو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته شاهد خاقان عباسي مسلسل اسپيڪر جي هدايتن کي نطرانداز ڪندو رهيو ۽ غير پارلياماني رويو اختيار ڪيائين. شاهد خاقان عباسي پنهنجي طرز عمل سان اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ خلل وڌو ۽ اسپيڪر جي منصب جو مذاق اڏايو.