لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف  جي اڳواڻ شهباز گل اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي تي ڀارتي ڪمپني کان رشوت ۽ ڪميشن وٺڻ جو الزام هڻي ڇڏيو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهباز گل چيو ته شاهد خاقان عباسي ڀارتي ڪمپني کان 14 ڪروڙ رپين جي رقم ان وقت ورتي، جڏهن هو پيٽروليم وارو وفاقي وزير هيو. هن چيو ته شاهد خاقان عباسي جي اڪائونٽ ۾ 3 ٽي ٽيز ذريعي ڀارتي ڪمپني کان پيسا آيا، شاهد خاقان عباسي ڀارتي ڪمپني کان ڪنسلٽنسي فيس جي مد ۾ رشوت ورتي آهي. شهباز گِل چيو ته منهنجو ۽ ليگي اڳواڻ جو اڪائونٽ هڪ ئي بينڪ ۾ آهي، اسان ٻنهي جي اڪائونٽس جا تفصيل عوام اڳيان رکيا وڃن.