اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم  شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس ۾ نيب جي جاچ آفيسر پاران مبينا هيراڦيري جو انڪشاف ٿيو آهي، احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران شاهد ناصر بشير قريشي بيان رڪارڊ ڪرايو، هن چيو ته نيب جي جاچ آفيسر آڏو ڏنل بيان ۾ ڪڏهن به شاهد خاقان عباسي جو نالو ناهي کنيو، پر جاچ آفيسر ملڪ زبير پنهنجو پاڻ نالو بيان ۾ شامل ڪيو. شاهد چيو ته جاچ آفيسر سان ڪو به رابطو نه هو، نيب جو نوٽيس ملڻ تي بيان رڪارڊ ڪرايو هو جنهن ۾ حقيقت بيان ڪئي هئي ته گيس سيڪٽر ۾ ڪم جو تجربو ناهي پر معروف اومني گروپ سان ٽينڊر ۾ حصو وٺڻ جي منصوبابندي ۽ ڳالهيون ضرور ڪيون هيون.