شاهد آفريدي کي سرفراز جي جاءِ تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ڪپتان بڻائڻ جو امڪان

0
149

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي طرفان پاڪستان سپر ليگ جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جوائن ڪرڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن، چيو پيو وڃي ته شاهد آفريدي کي سرفراز احمد جي جاءِ تي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو نئون ڪپتان بڻايو ويندو. ميڊيا رپورٽس موجب شاهد آفريدي ملتان سلطانز ڇڏي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ سان معاهدو ڪيو آهي. ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مالڪ نديم عمر دعويٰ ڪئي آهي ته شاهد آفريدي کي سرفراز احمد جي جاءِ تي مقرر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن سرفراز احمد پاڻمرادو عهدو ڇڏيو ته پوءِ فيصلو ڪرڻ ۾ آساني ٿي پوندي.نديم عمر چيو ته شاهد آفريدي ڪي پي ايل جي فاتح راولا ڪوٽ جو ڪپتان رهيو آهي، هو ٽيم کي مقابلو ڪرڻ خوب سيکاري ٿو، آفريدي سريلنڪن ليگ ۾ گال گليڊي ايٽرز جو به حصو آهي. واضح رهي ته پي ايس ايل ۾ شاهد آفريدي پشاور زلمي، ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.