ڪراچي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ شاهد آفريدي ڏکڻ آفريڪا ڪرڪيٽ بورڊ کي تنقيد جو نشانو بڻائي ڇڏيو، ٽويٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شاهد آفريدي ڏکڻ آفريڪا بورڊ جي طرفان رانديگرن کي آءِ پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ تي اعتراض ڪيو، بوم بوم آفريدي جو چوڻ آهي ته سيريز جي دوران رانديگرن کي آءِ پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏيڻ حيران ڪندڙ آهي، هي افسوسناڪ عمل آهي ته ٽي ٽوئنٽي ليگز انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تي اثر انداز ٿي رهيون آهن.