شاهد آفريدي جي ڌيئرن جي حوالي سان مداحن کي اپيل

0
975

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي پنهنجي ڌيئرن جي حوالي سان مداحن کي اپيل ڪئي آهي

سوشل ميڊيا تي ٽويٽ ڪندي شاهد آفريدي چيو مان واضح ڪرڻ ٿو چاهيان ته منهنجي ڌيئرن مان ڪنهن جو به سوشل ميڊيا اڪائونٽ نه آهي

شاهد آفريدي مداحن کي اپيل ڪندي لکيو ته براءِ مهرباڻي منهنجي نياڻين سان واڳيل ڪنهن به اڪائونٽس يا خبر کي نظر انداز ڪري ڇڏيو

شاهد آفريدي پنهنجي ٽويٽ ۾ هڪ جعلي اڪائونٽ کي ري ٽويٽ ڪندي مداحن کي خبردار به ڪيو

هن وقت شاهد آفريدي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جو حوصلو وڌائڻ لاءِ گڏيل عرب امارت ۾ پنهنجي نياڻين سان گڏ موجود آهي ۽ پاڪستان جي افغانستان خلاف ميچ ۾ هن کي اسٽيڊيم ۾ به ڏٺو ويو هو