شاهد آفريدي جو موٽر وي تي چالان ٿي ويو

0
368
شاهد آفريدي جو موٽر وي تي چالان ٿي ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسٽار آل رائونڊر ۽ ڪپتان شاهد آفريدي جو موٽر وي تي تيز رفتاري سبب چالان ڪيو ويو آهي

ميڊيا رپورٽن موجب شاهد آفريدي لاهور کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته موٽر وي پوليس تيز رفتاري تي 1500 رپين جو چالان ڪيو

پوليس اهلڪارن چالان ڪاٽڻ بعد ۾ شاهد آفريدي سان تصويرون به ڪڍرايون

ان موقعي تي شاهد آفريدي موٽر وي پوليس جي تعريف ڪندي چيو ته قانون سڀني لاءِ برابر آهي