لنڊن (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر شان مسعود ٽي 20 ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۾ بهتريءَ جو ڪريڊٽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان کي ڏئي ڇڏيو. اسپورٽس ويب سائٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ قومي ٽيم جي اوپنر شان مسعود چيو ته پي ايس ايل دوران ملتان سلطانز لاءِ کيڏندي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ۽ ڪپتان محمد رضوان ٽي 20 ۾ منهنجي بيٽنگ تي خاص ڌيان ڏنو جنهن سبب مون ۾ بهتري آئي. هن چيو ته رضوان چيو هو ته ٽي 20 ۾ اوهان کي گيئرز تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته هڪ ڏينهن اوهان کي 150 ويجهو هدف حاصل ڪري رهيا هوندا آهيو ۽ اوهان کي 55 بالن تي 70 رنز ٺاهڻيون هونديون آهن جڏهن ته ڪنهن ڏينهن اوهان 240 رنز جي هدف جو پيڇو ڪندا ته ٽيم کي 55 بالن تي 100 رنز گهربل هونديون.