ڪراچي : ڪراچي جي  يوسي 7 شانتي نگر ۾ مبينا ڌانڌلي واري معاملي تي جماعت اسلامي جي نامزد چيئرمين ٻيهر پولنگ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو، ڪامياب اميدوار سڪندر حسن جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جي استدعا، درخواستگذار غلام مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي پاران چيئرمين جي عهدي لاءِ اميدوار آهيان، مخالف اميدوار عملي ۽ انتظاميه سان گڏجي ڌانڌلي ڪئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سڪندر حسن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪشن ٻيهر پولنگ ٿيڻ تائين روڪيو وڃي.