تهران (م ڊ) ايران ۽ شام جي لاڳاپن ۾ اهم موڙ اچي ويو آهي. 12 سالن کان پوءِ ايراني صدر شام جو دورو ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ان ڏس ۾ ايراني صدر ابراهيم ٻن ڏينهن جي دوري تي شام ويندو، ايراني صدر کي شام جي صدر بشار الاسد دوري جي دعوت ڏني هئي. ايراني صدر پنهنجي معاشي ۽ سياسي وفدن سان گڏ شامي صدر جي دعوت تي ويندو. ايراني صدر جو شام جو درو خطي جي بدلجندڙ صورتحال م اهم سمجيهو پيو وڃي. شام ۾ 2011 جي گھرو ويڙهه بعد هي ڪنهن به ايراني صدر جو پهريون دورو هوندو.