اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي مامرن جي  وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري شام ۾ فلائيٽ آپريشن معطل ٿيڻ سبب ڦاٿل پاڪستانين کي فوري وطن واپس آڻڻ کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فضائي حملن جي نتيجي ۾ دمشق ائيرپورٽ کي شديد نقصان سبب شام ۾ فلائيٽ آپريشن معطل ڪئي وئي آهي، فلائيٽ آپريشن جي معطلي سبب زيارتن لاءِ ويل 160 پاڪستاني شام ۾ ڦاٿل آهن، بلاول جي هدايتن بعد شام ۾ ڦاٿل تمام پاڪستانين سان سفارتخاني پاران رابطو ڪيو ويو آهي، پاڪستانين کي جلد ملڪ واپس آڻڻ جا  انتظام مڪمل ڪيا ويندا.