دمشق (م ڊ) شام ۾ داعش ۽ ڪرد فورسز  ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به ويڙهه جاري رهي. ويڙهه ۾ 70 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن. حسڪا شهر جي غويرن جيل تي حملو بعد مارجي ويلن ۾ فورسز جا 28 اهلڪار، 5 شهري ۽ داعش جا 45 ويڙهاڪ شامل آهن. داعش وارا جيل مان پنهنجا ساٿي آزاد ڪرائي ويا آهن جن مان سوين کي ٻيهر پڪڙيو ويو آهي. حملو ڪندڙن جو تعداد 3500 ٻڌايو وڇي ٿو. جيل تي داعش جو قبضو آهي.