درعا (م ڊ) داعش جو سربراهه ابوالحسن الهاشمي القريشي شام جي صوبي درعا ۾ مارجي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا تصديق ڪري ڇڏي آهي ته داعش جو سربراهه هڪ آپرِيشن دوران مارجي ويو آهي. ٻئي پاسي دهشتگرد تنظيم داعش طرفان پنهنجي سربراهه جي موت جي تصديق ڪندي سندس متبادل طور نئين سربراهه ابو الحسين الحسيني القريشي جو نالو ڏنو ويو آهي.