شامي شخص سيءَ کان بچڻ لاءِ ميزائلن کي هيٽر بڻائي ڇڏيو

0
263
شامي شخص سيءَ کان

بشام(دلچسپ نيوز) جنگ سان تباهه حال شامي شخص خون ڄمائڻ جهڙي سيءَ کان بچڻ لاءِ ميزائلن جي خول کي هيٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. صوبه ادلب ۾ جسرا الشگر نالي شخص پنهنجي گهر ۾ ميزائل جي خول جي صفائي ڪري ان کي هيٽر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ڇو ته اهو هيٽر خريد ڪرڻ جي سگهه نه پيو رکي

اهو ميزائل جو خول هن کي گهر جي اڳيان مليو هو جنهن کي هڪ لوهار کان تبديل ڪرايو ويو آهي. لڳاتار جنگ، غربت ۽ بيروزگاري سبب هيٽر عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر ٿي چڪو آهي. مقامي لوهار 28 کان 32 سينٽي ميٽر جي راڪيٽ ۽ ميزائلن کي احتياط سان خالي ڪري انهن کي هيٽر ۾ تبديل ڪري رهيا آهن.