شال مَ هٿوڙو، اچي ڀولي هَٿَ ۾!

0
250
شال مَ هٿوڙو، اچي ڀولي هَٿَ ۾!

   ”ڀولڙي جي هَٿَ ۾ پاڪِي ڏيڻ“ هڪ پُراڻي سِنڌي چوڻي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته، ڀولڙي جي پاڪِيءَ تائين پهچ ٿي وئي ته، ڪنهن جي به سونهاريءَ جو سَت سلامت نه رهندو، ايتري قدر جو ڀولڙي جي پنهنجي ريش مُبارڪ جو به نه! (ڪِلين شيو ڀولڙي کي پاڪِي ڪندي ڪوهه؟!) پاڪِيءَ جي اهميت تڏهن به هُئي، جڏهن حجام ڊاڪٽرن وارو ڪم ڪندا هُئا ۽ پاڪِيءَ جي اهميت هن وقت به آهي، جڏهن ڊاڪٽر حجامڪو ڪم ڪندا آهن. فرق البته اهو آهي ته، هاڻوڪا ٻارَ آسمان تي ڪُونجن جي وَلر تي اعتبار نٿا ڪن. ٿورو سوچيو ته، اها پاڪِي ڀولڙي جي هَٿ اچي وڃي ته، ڀولڙو ضربيل ٻارڙن جا بدلا حجامن ۽ ڊاڪٽرن کان ڪيئن وٺندو، اهو تصور ئي ٽهڪ ڏياريندڙ آهي. ڀولڙي جي پاڪِيءَ جي مارَ رُڳو ايستائين ئي ڪانهي، پاڪِيءَ تي اختيار سان ڀولڙي جي مرضي محدود نٿي رهي.

ڀولڙي جي هٿ ۾ پاڪِيءَ جو اچي وڃڻ ته خطرناڪ آهي ئي، پر ان کان به خطرناڪ ڀولڙي جي هَٿ ۾ هٿوڙي جو اچڻ آهي. بيگناهه ۽ گُناهگار سڀ اها دُعا گُهرندا آهن ته، ”شال مَ هٿوڙو، اچي ڀولي هَٿَ ۾!“ هٿوڙو پاڪِيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. هٿوڙو توهان کي ۽ توهان جي حقن ۽ هٿن کي چِٿي سگهي ٿو. هٿوڙو هٿيارن جي دائري ۾ به نٿو اچي، ان ڪري هٿوڙا بردار ڀولڙي کي سڀ ڪُجهه ڦَٻي وڃي ٿو. هٿوڙي جو وجود 30 هزار قبل مسيح ۾، پٿر جي دور ۾ نظر اچي ٿو. جڏهن پٿر جي ڪنهن ٽُڪر کي، ڪنهن جانور جي چمڙيءَ جي پٽي يا وڻن جي نرم لامن سان ٻَڌي اوائلي هٿيار ٺاهيو ويو، اهو هٿوڙو اڃان تائين هٿيار طور استعمال ٿي رهيو آهي. مطلب ته پهريون هٿيار به هٿوڙو هو ۽ آخري هٿيار به هٿوڙو آهي. جڏهن اڃان هٿوڙا ڀولڙن جي هٿن ۾ نه آيا هُئا، تڏهن هڪڙي سانداڻ ڪَئين پيڙهين تائين مُترڪن کي مُنهن ڏيندي هُئي پر جڏهن هٿوڙا ڀولڙن جي وس ٿيا ته حالت ان حد تائين وڃي پهتي آهي جو ”مُترڪن مُنهن ڪڍيا، سانداڻيون سَهڪن.“ هٿوڙو لوهه جو هُجي ته سانداڻ اهو ڌَڪ سَهي به وڃي پر ڪاٺَ ۽ عاج جي هٿوڙن جي هيبت ئي ”اور“ آهي.

توهان هٿوڙي جهڙي مٿي واري مڇي Hammer Headed Fish ته ٻُڌي هُوندي پر ڪي ماڻهو به هٿوڙي مُهانڊا هُوندا آهن، پوءِ ڀلي اُنهن جي هٿن ۾ هٿوڙو هُجي يا نه هُجي! جيئن ته اهي پيدائشي هٿوڙا هوندا آهن، ان ڪري اهي چاهيندا آهن ته، انڪار ۽ احتجاج جو هر آواز سندن صدائن ۾ دٻجي وڃي. اسان جي مُلڪ ۾ هٿوڙو جبر جي علامت بڻجي اُڀريو آهي، ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته، ”ڪيڏانهن مُنهن مُترڪن جو، ڪيڏانهن جمهوريت!“ مُلڪي تاريخ شاهد آهي ته، جمهوريت ڪڏهن به ’مُترڪي‘ کي ڀانءِ نه پئي آهي. مُترڪي جو جمهوري مِزاج رهيو ئي ڪونهي. اهو ساڳيو مِزاج مُترڪي مُهانڊي سياستدانن جو پڻ آهي، جيڪي سڏرائيندا ته جمهوريت پسند آهن پر سندن واتَ مان هميشه سياسي ۽ پارلياماني ٻوليءَ بدران گٽر ۽ غِلاظت جاري هُوندي آهي، ڄڻ ”گاريالاجيءَ“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل هُجين. اهو سڀ ڪُجهه اُهي هوش ۽ حواس ۾ هُوندي ڪندا آهن. اُنهن جي اخلاقي ڏيوالپڻي تي ڇا لکجي؟ خاص طور تي ’نئين‘ پاڪستان جي گاريال برگيڊ ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي آئون صدر يحيٰ خان جو حوالو ڏيڻ چاهيندس، جيڪو مُلڪي تاريخ ۾ عياش حُڪمران جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. ان جو مطلب اهو ڪونهي ته، سندس ڪنهن اعتراف سان اُن جون سڀ مدايون معاف ٿي ويون، پر هتي اهو ٻُڌائڻ مقصود آهي ته، اُن ۾ شايد ڪو ظرف ذرو موجود هو، جو نشا لهندي ئي کيس اُن جو احساس ٿيندو هو.

هتي آئون ٻه واقعا بيان ڪندس. سندس هڪ دوست چواڻي ته، مُلڪي صدارت واري عهدي تان لهڻ کانپوءِ کانئس جڏهن پُڇيو ويو ته، کيس اقتداري عرصي دوران ٿيل ڪنهن غلطيءَ تي ندامت آهي؟ ته يحيٰ خان وراڻيو ته، هُن هڪ ڀيري صدارتي محل ۾ مُلڪ جي نامياري ڳائڻي، شرابي غزلن جي مشهور گلوڪاره کان بي لباس ٿي ڳائڻ جي فرمائش ڪئي هُئي، جنهن تي کيس شرمندگي آهي. (اها جُدا ڳالهه آهي ته، بنگال ۾ ڪوس، قتلام ۽ مُلڪ ٽُٽڻ تي کيس ڪو به پڇتاءُ ڪونه هو.) ٻيو واقعو اهو ته، ميجر جنرل ابوبڪر عثمان مِٺا ڪوارٽر ماسٽر جنرل طور يحيٰ خان سان گڏ ڪم ڪندو هو. ميجر جنرل ابوبڪر عثمان مِٺا پنهنجي ڪتاب ”بمبئي سي جي ايڇ ڪيو تڪ“ ۾ لکي ٿو ته، يحيٰ خان اوڀر پاڪستان ڪوميلا ڪينٽ جي علائقي ۾ انسپيڪشن لاءِ پهتو. آفيسرز ميس ۾ اُن جي لاءِ شاندار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو هو. ان تقريب ۾ عورتون به دعوتيل هيون. يحيٰ خان ان محفل ۾ جام مٿان جام پيئندو رهيو ۽ اُبتو سُبتو ڳالهائيندو رهيو. هُن اُتان اُٿڻ جو نالو ئي نه پئي ورتو. ميجر جنرل ابوبڪر عثمان مٺا جي زالَ اِندو مِٺا به ان تقريب ۾ موجود هُئي. هُوءَ ڪلاسيڪل رقص ڀارت ناٽيم جي ماهر هُئي. سندس اصل نالو اِندو چيٽرجي آهي ۽ هن جو تعلق بنگالي عيسائي ڪُٽنب سان هو.

هن دهلي يونيورسٽيءَ مان 1951ع ۾ فلسفي ۾ ايم اي ڪئي ۽ اُن ئي سال گهر وارن جي خُواهش جي ابتڙ بمبئي جي هڪ ميمڻ ڪئپٽن ابوبڪر عثمان مِٺا سان شادي ڪئي ۽ پاڪستان اچي وئي. سندس نياڻي تحريما مِٺا به آمريڪا ۾ ڀارت ناٽيم ڊانسر آهي. ڳالهه پئي ڪئيسين يحيٰ خان جي، سڀني جي پريشاني ڏسي ابوبڪر مِٺا کي سندس زال اِندو مِٺـا چيو ته، فوجي بينڊ کي ميس ۾ گُهرايو وڃي. بينڊ پهچي هڪ گيتَ جي ڌُن وڄائي ته، يحيٰ خان اُٿي اِندو مِٺا جو هٿ پڪڙي رقص ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ائين رقص ڪندي اِندو مِٺا ان کي ڊرائنگ روم ۾ ڇڏي آئي، صُبح جو جيئن ئي يحيٰ خان جو نشو لٿو ته، اُن ابوبڪر عثمان مِٺا ۽ اِندو مِٺا کان معافي گُھري ۽ پشيمانيءَ جو اظهار ڪيو. موجوده سياستدانن جي ڀيٽَ ڪنهن به ريت يحيٰ خان سان نٿي ٺهي، ڇو ته، يحيٰ خان جا عيب اپار آهن پر هتي اهو ذِڪر ڪرڻ جو مقصد اها ڳالهه ٻُڌائڻ آهي ته، هن وقت جمهوريت جي دعويدار سياستدانن ۾ ايتري اخلاقي جُرئت به ڪانهي جو پنهنجي ڪنهن غلطيءَ جو اعتراف ڪن. موجوده سياستدانن جي مڪروهه، بدبودار ۽ اُٻڙڪا ڏياريندڙ روش کي ڏسي مُون کي شيخ اياز جا لفظ ياد اچن ٿا. شيخ اياز، جنرل ضياءَ جي دور ۾ سنڌ جي هڪ وڏي قانوندان سان، جيڪو هميشه ”نظريه ضرورت“ جي تابوت کي ڪُلهو ڏيندو رهيو هو، ڀُٽي صاحب بابت ڳالهائي رهيو هو، ان قانوندان چيو ته، ڀُٽي کي ڦاهي اچڻ گُهرجي. شيخ اياز لکي ٿو ته، اُن وقت مُون ڏٺو ته، ان قانوندان جي صرف هڪڙي اک ۾ شرم هو، اُها اک، جيڪا پٿر جي هُئي.

هن وقت هٿوڙن جو واسطو ”لوهارن“ سان پيو آهي. اهي لوهار، جن کي ترغيب ڏئي اقتدار جو ڪاٺ ڪُلهي تي کڻايو ويو آهي. هاڻ ڏسجي ته، مُترڪا ٿا مات ٿين يا وري سانداڻيون ٿيون سَهڪن!

[email protected]