صالح پٽ ( ن پ ا) صالح پٽ لڳ ڳوٺ الهندو جسڪاڻي جو رهواسي سنڌ ڌرتي جو عظيم ڏاهو، قومي مزاحمتي شاعر، ايوارڊ يافته سگهڙ ۽ حڪيم، سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم جو مرڪزي نائب صدر استاد فيض محمد جسڪاڻي فالج جي بيماري سبب ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، کيس سوين آلين اکين سان سندس ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، سنڌ جي مختلف علائقن کان شاعرن، سگهڙن، صحافين، اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن پاران سندس تڏي تي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ان موقعي تي شاعرن اديبن سگهڙن ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته استاد فيض محمد جسڪاڻي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي وڏن اديبن ۾ ٿئي ٿو هن سموري زندگي لوڪ ادب، ثقافت ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي آهي پاڻ غزل،وائي، نظم، گيت، نثر، وايون، ڏور بيت ۽ ٻين ادب سان وابسطه سڀني صنفن جا ماهر هئا، کيس ڏور ڳجهارت تي وڏي مهارت هئي، سندس تحرير جو ٽن ڪتابن جيترو مواد جمع ٿيل آهي. هنن جو چوڻ هو ته استاد سگهڙ فيض محمد جسڪاڻي فالج سبب بيماري جي بستري تي رهيو ليڪن حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪوبه سهڪار نه ڪيو ويو.