مورو/نوان جتوئي (نمائندن وٽان) سنڌ جو مزاحمتي شاعر گدا خاصخيلي بيماريءَ سبب نيشنل ميڊيڪل سينٽر  ڪراچي ٻاھران فٽ پاٿ تي بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ جي حالت ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينھن گذارڻ تي مجبور بڻيل آهي،  ان حوالي سان شاعر گدا خاصخيلي جي پوٽي انيس خاصخيلي ٻڌايو ته  گدا خاصخيلي کي علاج جي سلسلي ۾ ھتي کڻي پھتا آھيون، پر اسان سان  اسپتال انتظاميا پاران ڪنھن قسم جو تعاون ناھي ڪيو، اسپتال ٻاھران فٽ پاٿ تي ويٺا آھيون،  هن مطالبو ڪيو ته شاعر جو علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي، ٻي طرف شاعر گدا حسين خاصخيلي ٻڌايو ته  گذريل ڪافي وقت کان دماغي فالج ۽ ٻين تڪليفن ۾ مبتلا آهيان، وس آهر علاج ڪرايو پر صحتياب ناهيان ٿيو.