موهن جو دڙو (ن پ ا) نوجوان شاعر ليکڪ مسرور پيرزادي جو ڀائٽيو ۽ منصور پيرزادي جو پٽ ۽ سماجي اڳواڻ  ڊاڪٽر فياض پيرزادي، رياض پيرزادي جو ڀاڻيجو نيهان پيرزادو ٿيليسيميا جي بيماري سبب وڏو عرصو مبتلا رهڻ بعد ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس تڏو ٻلھڙيجي ۾ وڇايو ويو آهي. هوڏانهن مرحوم کي ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ سياسي سماجي ڌرين جي ماڻهن شرڪت ڪئي.  هوڏانهن مرحوم جي پونئيرن  سان تعزيت جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.