ملاڪاتيار (ن پ ا) ناميارو شاعر انعام ٽکڙائي دل جو دورو پوڻ سبب 58 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. مرحوم کي سندس اباڻي قبرستان مقبرو شريف ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۾ سياسي سماجي شخصيتن، شاعرن، اديبن، صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. س ا س ٽنڊومحمدخان جي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي آغا جان آغا رفيق آس لغاري ۽ ٻين نامياري شاعر انعام ٽکڙائي جي وڇوڙي کي سنڌي ٻولي علم ۽ ادب لاء نقصان قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته مرحوم مسلسل 38 سال سنڌي ٻولي شاعري علم ۽ ادب جي خدمت ڪندي گذاريا هو علم عروض جو ڄاڻو ۽ خوبصورت خيالن جو بهترين شاعر هو کيس علمي ادبي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو ۽ هنن انعام ٽکڙائي وڇوڙي تي ٽي ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. مرحوم جو اصل نالو احمد علي ڳنڀير هو ۽ هن “رلي رلي جهان ڏٺم ” ڪتاب پڻ لکيو. مرحوم جي سوڳوارن ۾ 3 پٽ ٻه نياڻيون هڪ بيوه آهي. تڏو ڳوٺ وسي ملوڪ شاه ٽکڙ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.