حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ قائم اليڪشن ٽربيونل پ پ ايم اين اي شازيه عطا مري جي ڊگري خلاف داخل درخواست تي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. 2018ع ۾ عام چونڊن دوران سانگهڙ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 216 تان شڪست کائيندڙ جي ڊي اي اميدوار ڪشن چند پارواڻي ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري جي بي اي واري ڊگري کي چئلينج ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ شازيه عطا مري پاران جمع ڪرايل ڊگري سندس ناهي، اها ڪراچي سان تعلق رکندڙ شازيه نالي عورت جي آهي. جسٽس امجد علي سهتو تي مشتمل اليڪشن ٽربيونل ۾ ٻڌڻي ٿي. پ پ ايم اين اي جي وڪيل پرڪاش جهمٽ مل دليل لکت ۾ جمع ڪرايا. سندس چوڻ آهي ته اليڪشن ٽربيونل گذريل ٻڌڻي تي ٻنهي وڪيلن کي دليل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر جي ڊي اي اميدوار جو وڪيل پيش ناهي ٿيو جنهن بعد اليڪشن ٽربيونل اسان جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد هفتي لاءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا سميت لاڳاپيل ادارن اڳ ئي چيو آهي ته اها ڊگري پ پ ايم اين اي جي آهي. عام چونڊن دوران شازيه عطا مري جي ڊي اي اميدوار ڪشن چند کي 9 هزار 990 ووٽن تان شڪست ڏني هئي ۽ هارائڻ بعد هن پ پ ايم اين اي شازيا عطا مري جي ڊگري جعلي هئڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي.