شارجا (م ڊ) شارجا ۾ هڪ همراهه زال ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ رهائشي عمارت تان ٽپو ڏئي پنهنجي زندگي جو ڏيئو به اُجهائي ڇڏيو.  پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي موقعي تي پهچي زخمي مڙس کي ايمبولينس ذريعي اسپتال روانو ڪيو جتي هُن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب آپگهات ڪندڙ همراهه جي ڪپڙن مان هڪ لکت ۾ نوٽ مليو جنهن ۾ هن پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، گڏوگڏ هن پنهنجي آپگهات جو حوالو پڻ ڏنو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.