شادي لارج (رپورٽ: عبدالصمد کوسو) شادي لارج ۾ ايل بي او ڊي جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ زيرو پوائنٽ وٽ ڪٽ جي حمايت ۾ جاري ڌرڻي دوران ٻارڙي مبينا طور فوت ٿيڻ تان ڇڪتاڻ، فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن وچ ۾ رستو نه ملڻ تان جهيڙو، ڏنڊا بردار ماڻهن احتجاجي ڪئمپ پَٽي ڇڏي، ڇڪتاڻ بعد مظاهرين ڇڙوڇڙ، اطلاع ملڻ باوجود پوليس صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نه پهتي، ان ڏس ۾   شادي لارج مين ٿرڪول روڊ تي جهڏو، ملڪاڻي، پنگريو، خليفو قاسم جي ٻوڏ متاثر ماڻهن پاران ايل بي او ڊي کي آر ڊي 211 وٽان ڪٽ جي حمايت ۾ 6 هين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو، ڌرڻي دوران مبينا طور گاڏي کي رستو نه ملڻ سبب 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي سميرا ڌيءُ ايوب ڪنڀار جي فوت ٿيڻ بعد ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ٻارڙي جي وارثن ۽ ڀرپاسي جا ڳوٺاڻا ڏنڊا کڻي پهچي ويا، جنهن دوران مظاهرين ۽ مڇريل ماڻهن ۾ جھيڙو ٿي پيو، مڇريل ماڻهن مظاهرين جي احتجاجي ڪئمپ پٽي ڇڏي، پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن دوران مظاهرين ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ ڌرڻو ختم ٿي ويو، جهيڙي دوران پوليس نفري غائب هئي،  ٻي طرف مڇريل ماڻهن ٻڌايو ته 4 ورھين جي سميرا ڌيءُ ايوب ڪنڀار جيڪي ڪلوئي جا رهواسي آهن، معصوم نياڻي بيماري سبب بيهوش هئي، جنهن کي ڌرڻي وارن رستو نه ڏنو، جنهن ڪري هو زندگيءَ جي جنگ هارائي وئي، رستا روڪڻ ڪٿي جو قانون آهي، معصوم نياڻي جي قتل جو ڪيس ڌرڻي وارن تي داخل ٿيڻ گهرجي، ٻي پاسي ڪٽ جي حمايت ۾ ڌرڻو هڻندڙ اڳواڻن اياز کوسي، نديم گجر، اصغر ۽ ٻين ٻڌايو ته ارباب لطف جا ويجها ماڻهن هٿرادو ڊرامو ٺاهي اسان تي قاتلاڻو حملو ڪيو، اسين پر امن احتجاج ڪري رهيا هئاسين جيڪو هر پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهو جو حق آهي، هنن چيو ته اسين قدرتي لنگهن تي قبضن ۽ ايل بي او ڊي سم نالي کي ڪٽ ڏيارڻ لاءِ 6 ڏينهن کان ويٺل هئاسين، ظلم ڪيو ويو آهي.  جڏهن ته جھيڙي بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ مين ٿرڪول روڊ تي ٽريفڪ بحال ٿي وئي.