شادي لارج ۾ وڌندڙ بدامني ۽ کوسي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شٽربند هڙتال

0
232
شادي لارج ۾ وڌندڙ بدامني ۽ کوسي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شٽربند هڙتال
شادي لارج ۾ وڌندڙ بدامني ۽ کوسي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شٽربند هڙتال

شادي لارج/ جمال شاهه (نمائندن وٽان) شادي لارج ۾ وڌندڙ بدامني ۽ کوسڪي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهرين ٿرڪول روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي

مظاهرين چيو ته پوليس بدامني روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، پوليس امن ڪرائڻ بدران پاڻ شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهي آهي، پوليس اهلڪار شهرين کان اٽو به ڦري رهيا آهن، ايس ايس پي کي کوسڪي ٿاڻي جو سمورو پوليس عملو هٽائڻ جي اپيل ڪئي وئي

ٻئي پاسي جمال شاهه ۾ مبينا طور قتل ٿيل عورت جي وارثن ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي گرمي وگهي هڪ ڄڻو بيهوش ٿي ويو

 ڳوٺ عبدالله شاهه ۾ 5 ڏينهن اڳ مبينا طور قتل ٿيل حسنا مشوري جي وارثن ڌرڻو هنيو، عورت جو ڀاءُ اصغر مشوري بيهوش ٿي ويو

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته 5 ڏينهن اڳ حسنا خاتون کي قتل ڪندڙ جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿيا، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري، مختلف سينٽرز تي پيپر وقت کان اڳ آئوٽ