شادي لارج(ن پ ا)) شادي لارج وٽان مين ٿرڪول روڊ 2 ڏينهن کان بند پيل هزارين ماڻهن جو ڌرڻو جاري رهيو ڌرڻي ۾ سوين ماڻهن سڄي رات جاڳي روڊ تي گذاري ڌرڻي ۾ انتظاميا بيوس بڻيل نظر آئي سنڌ سرڪار جي ڪنهن به وزير نوٽيس نه ورتو ڌرڻي سبب مسافر معصوم ٻارڙا عورتون روڊ ۾ ڦاٿل آهن ڌرڻي ۽ سوين گاڏين جون ڊگهيون قطارون به موجود مظاهرين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته نئون ڪوٽ جهڏو ملڪاڻي ۾ به روڊن تي رهون پيا ان کان بهتر آهي ته هتي روڊ تي رهي انتظاميا چونڊيل نمائندن جي مٿي جو سور بڻجي رهون قدرتي لنگهن تان قبضا نٿا ختم ٿين جو مٿان واري علائقن مان پاڻي نيڪال ٿيئي هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي انڌير نگري هوندي.