شادي لارج ويجهو ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هزارين ماڻھن جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري

0
347

ڪراچي (نمائندن وٽان) شادي لارج ويجهو ايل بي او ڊي کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيارڻ لاءِ هزارين مظاهرين جو ٽئين ڏينهن به ڌرڻو جاري آھي، ٿر ڪول وٽ لڳايل ڌرڻي ۾ پنگريو، ٽنڊو باگو، جهڏو، ملڪاڻي شريف، سمن سرڪار ۽ ٻين علائقن جا هزارين ماڻهو شامل آھن

ڪٽ جي مخالفت ۾ ڪلوئي ۽ ڀرپاسي جا سوين ماڻهو نيوي موڙ وٽ ٻيهر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، مظاهرين جو چوڻ آهي ته زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيڻ سان اسان جا گهر ۽ زمينون ٻڏي وينديون

ڪٽ جي حامين زيرو پوائنٽ بدران چائنا دڪـي وٽان 2 ڪٽ ڏيڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، ڌرڻو هڻندڙن جو چوڻ آهي ته ڪٽ هڻي درياهي پاڻيءَ کي قدرتي لنگهن تان نڪرڻ جو دڳ ڏنو وڃي

ٻئي پاسي ايل بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فريد ميمڻ موجب  اسپائينل ڊرين ذريعي ايل بي او ڊي جو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪريون پيا، في الحال ڪٿي به ڪٽ ڏيڻ جي ضرورت محسوس نٿا ڪريون

ايل بي او ڊي جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر فريد ميمڻ ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته اسپائينل ڊرين جي ٻن پوائنٽن ذريعي وڌ کان وڌ پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃيپاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي ۾

آخري وقت تائين ڪوشش آهي ته ڪٽ لڳائڻ بنا پاڻي نيڪال ڪيو وڃي، علائقي واسين جا خدشا پنهنجي جاءِ تي، پر انجنيئرز في الحال ڪٽ جي ڳالهه نٿا ڪن، اُميد آهي ته 15 کان 20 ڏينهن ۾ دٻاءُ واري پوزيشن مان نڪري وينداسين

ھي به پڙھندا

ڪنڊيارو لڳ گھر ڊھي پٽ: 4 ڄڻا دٻجي فوت، 3 زخمي

ٻوڏ دوران سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون: سردار چانڊيو