شادي لارج: لطيف جو پارکو ۽ ادبي محفلن جو موڙ فقير بچل احمداڻي لاڏاڻو ڪري ويو

0
275

شادي لارج (ن پ ا) سنڌ جو بهترين سگهڙ، لطيف جو پارکو، ادبي محفلن جو موڙ، جهرجهنگ ۾ لطيف جو پيغام عام ڪندڙ  فقير بچل احمداڻي ڪافي عرصي کان جناح اسپتال ڪراچي ۾ موت سان جنگ وڙهندي اڄ فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري

مرحوم جي ڀائٽي فياض احمداڻي موت جي تصديق ڪندي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته چاچو گذريل پنج مهينن کان مٿي ڪراچي جناح اسپتال ۾ داخل هو پر ثقافت کاتي سميت ڪنهن به اداري سندس سار نه لڌي

فقير بچل نه صرف لاڙ پر سموري سنڌ جو اثاثو هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي لطيف جي فڪر ۽ صوفي شاعرن جي پيغام کي ريڊيو، ميلن، محفلن، اوطاقن ۽ جهر جهنگن تائين عام ڪيو