شادي جي وقت ڪنوار جو موت: گھوٽ جي ساليءَ سان شادي

0
672

نئين دھلي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪنوار شادي جي موقعي تي فوت ٿي وئي، گھوٽ پھنجي ساليءَ سان شادي ڪري ڇڏي، دنيا ۾ جلد ئي زال جي فوت ٿيڻ جا واقعا عام آھن پر ھن قسم جو ھڪ عجيب واقعو ھندستان ۾ پيش آيو، جتي شادي جي موقعي تي ڪنوار فوت ٿي وئي ۽ گھوٽ کي پنھنجي ساليءَ سان شادي ڪرڻي پئجي وئي، پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ، واقعو ڀارتي رياست اترپرديش ۾ پيش آيو ، جتي هڪ نوجوان ڪنوار پنهنجي شادي جي تقريب ڪرڻ کان اڳ بيهوش ٿي وئي، ڪنوار کي اسپتال پھچايو ويو تھ ڊاڪٽرز ھن جي موت جي تصديق ڪئي، شادي ۾ شريڪ ماڻھن جو خيال ھو تھ ڪنوار جي موت بعد ھاڻ شادي تقريب معطل ڪرڻ گھرجي، جڏھن تھ ايئن نھ ٿيو، ڪنوار جي موت بعد گھوٽ منجيش جي گھروارن ڇوڪري جي گھروارن سان ڳالھھ ٻولھ ڪئي ۽ متبادل حل ڳولڻ جو چيو ويو، ان موقعي تي گھوٽ جي شادي ساليءَ سان ڪرائي وئي، ڪنوار جي ڀاءُ چيو تھ عجيب صورتحال ھئي، ھڪ ڪمري ۾ ڀيڻ جي ميت ھئي ۽ ٻئي ڪمري ۾ ٻي ڀيڻ جي شادي ٿي رھي ھئي.