شادي جي رسم دوران گهوٽ ڪنوار جو هڪ ٻئي تي چَماٽُن جو وسڪارو

0
869
شادي جي رسم دوران گهوٽ

نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز) شادي جي رسمون ظاهري طور جتي تفريح جو ذريعو هونديون آهن اتي سنگين صورتحال ۽ نتيجن جو ڪارڻ پڻ بڻجي وينديون آهن

انٽرنيٽ تي اڄڪلهه هڪ اهڙي ويڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن گهوٽ ۽ ڪنوار کي هڪٻئي کي مار ڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ويڊيو ۾ شادي جي منڊپ ۾ ٿيندڙ رسمن لاءِ گهوٽ ڪنوار کي ويٺل ڏسي سگهجي ٿو جتي ڪنوار جيئن گهوٽ کي ڪجهه کارائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، گهوٽ طرفان کيس ائين ڪرڻ کان روڪي ٿو جنهن بعد ٻنهي ۾ جهيڙو شروع ٿي وڃي ٿو

ويڊيو ۾ ڀرپاسي ۾ ويٺل عورتون ٻنهي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون پر جوڙو پوءِ به نٿو مُڙي ۽ جهيڙي جي شدت ۾ واڌ اچي وڃي ٿي. في الحال اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته گهوٽ ڪنوار وچ ۾ جيهڙو ڪٿي پيش آيو ۽ ڇا اهو حقيقي جهيڙو هو يا وري پنهنجي شادي کي يادگار بڻائڻ جو هڪ طريقو