شادي جي انوکي رسم : گهوٽ ڪنوار مهمانن آڏو ڪري پيا

0
445

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) شادي جي انوکي رسم، گهوٽ ڪنوار مهمانن آڏو ڪري پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سموري دنيا ۾ شادي جون ڌار ڌار رسمون هجن ٿيون پر انهن ۾ ڪي ته اهڙيون انوکيون هونديون آهن جو ڏسندڙ کلي کلي کيرو ٿيو پوي اهڙي ئي هڪ انوکي رسم ڀارت ۾ ادا ڪئي وڃي ٿي. ڀارت ۾ شادي جي ان انوکي رسم جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.

وڊيو ۾ رسم تحت گهوٽ ۽ ڪنوار کي مهمانن اڳيان ڪرندي ڏسي سگهجي ٿو، گهوٽ ڪنوار کي ٻانهن ۾ کڻي اڳيان وڌي ٿو ۽ پويان ٻيو نوجوان کيس ڌڪو ڏي ٿو جنهن تي گهوٽ ڪنوار مهمانن اڳيان ڪري پون ٿا ۽ مهمان وري تاڙيون وڄائي کين داد ڏين ٿا، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين جا دلچسپ تبصرا، گهوٽ جي همت کي زبردست داد ڏنو پيو وڃي.

ھي به پڙھندا

پسند جو گانو نه وڄڻ تي ڪنوار جو شادي تقريب ۾ وڃڻ کان انڪار