واشنگٽن(انٽرسٽنگ نيوز) اوهان گهوٽ ڪنوار جون انوکيون انٽريو ته ڏٺيون هونديون پر ڇا اوهان ڪڏهن تابوت ۾ ڪنوار يا گهوٽ جي انٽري ڏٺي آهي. آمريڪا ۾ هڪ شخص پنهنجي شادي تقريب ۾ ڪجهه ان انداز ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو جو ڄاڻي اوهان اهو فيصلو نه ڪري سگهندا ته ان جي شادي جي خوشي ملهائڻ گهرجي يا هن جي سوچ تي ماچ ڪيو وڃي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته گهوٽ لاءِ بڻايل ڪاري رنگ جي تابوت کي هن جي دوستن وين مان ڪڍيو ۽ مهمانن لاءِ لڳايل ڪرسين وچ مان گذاريندا ان کي اسٽيج ويجهو رکي ڇڏيو. شادي ۾ شريڪ مهمان تابوت کي ڏسي سمجهيا ته ان اندر لاش آهي، پر جڏهن هنن تابوت مان گهوٽ کي نڪرندي ڏٺو ته حيران رهجي ويا. شادي ۾ شريڪ هڪ شخص ان پوري منظر جي وڊيو ٺاهي ۽ سوشل ميڊيا تي ٽڪ ٽاڪ تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو، جتي لکين ماڻهن ڏٺو، ڪنهن پسند جو اظهار ڪيو ته ڪنهن تنقيد ڪئي.