شادي تقريب دوران گهوٽ جو گهوڙو مڇرجي پيو، ڪيترائي ڄاڃي زخمي

0
1137
شادي تقريب دوران گهوٽ

اتر پرديش (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ شاديءَ جي تقريبن دوران ڪيترائي دلچسپ واقعا ٿيڻ معمول جي ڳالهه بڻيل آهي. اترپرديش جي علائقي همير پور ۾ به اهڙو ئي هڪ دلچسپ واقعو پيش آيو آهي

ڀارتي رياست اترپرديش جي علائقي همير پور ۾ شاديءَ جي تقريب دوران ڄاڃي جهمريون هڻڻ ۾ مصروف هئا ته اوچتو گهوٽ جو گهوڙو مڇرجي بي قابو ٿي پيو جنهن سبب ڪيترائي ڄاڃي زخمي ٿي پيا

گهوڙو مڇرجڻ جو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن لائوڊ اسپيڪر تي تيز آواز ۾ گيت هلايا ويا ۽ ڄاڃي گيتن تي جهمريون هڻي رهيا هئا ۽ نوٽن جي بارش ڪري رهيا هئا ته گهوڙو مڇرجي پيو، گهوڙي مٿان ويٺل گهوٽ هيٺ ڪري پيو ۽ گهوڙو ماڻهن جي وچ ۾ ڊوڙڻ لڳو جنهن سبب گهوڙو ڪيترن ئي ماڻهن مٿان چڙهي ويو، خوش قسمتيءَ سان واقعي ۾ ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو