ڏهرڪي: صادق آباد ويجهو شادي تقريب جو ڏٽو ڏئي ڌاڙيلن هٿان اغوا ڪيل فنڪار ۾ ڏهن سالن جو ناچو نينگر سمبل به شامل آهي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آھي ته هن وقت به ڪشمور ۽ گهوٽڪي واري ڪچي ۾ سوين ماڻهو ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل آھن، جن جون ڌاڙيل تشدد واريون وڊيوز ٺاهي وارثن ڏانهن موڪلي ڀنگ وٺي آزاد ڪيو وڃي ٿو.