شاديءَ جو پرفارمنس سان ڪوبه تعلق نه آهي: شاداب خان

0
277
شاديءَ جو پرفارمنس سان ڪوبه تعلق نه آهي: شاداب خان
شاديءَ جو پرفارمنس سان ڪوبه تعلق نه آهي: شاداب خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ڪپتان شاداب خان پريزينٽر زينب عباس کي شادي ۽ پرفارمنس بابت سوال تي ٽوڪي ورتو

ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف ميچ کٽڻ کانپوءِ شاداب خان پچ سائيڊ شو جو مهمان بڻجيو جنهن دوران ميزبان عروج ممتاز ۽ زينب عباس ڪپتان شاداب خان کان ٽيم جي پرفارمنس سميت دلچسپ سوال به ڪيا

شو دوران زينب عباس شاداب کان حسن علي جي شڪايت بابت سوال ڪيو ته حسن کي شڪايت آهي ته اوهان شاديءَ کانپوءِ وقت نه ڏيندا آهيو

Shadab Khan Wedding Pictures From Intimate Ceremony | Showbiz Hut

بعد ۾ زينب شادي ۽ پرفارمنس بابت سوال ڪرڻ چاهيا. ان جي جواب ۾ شاداب خان کلندي ٽوڪ ڪئي ته هر ڳالهه شاديءَ تي ڇو اچي رهي آهي؟

جيڪڏهن منهنجي پرفارمنس نه اچي رهي آهي ته ان جو شاديءَ سان ڪوبه تعلق نه آهي، ڇا انسان کي شادي نه ڪرڻ گهرجي؟ شاداب چيو ته شادي جو پرفارمنس سان ڪوبه تعلق نه آهي، شادي جي نه ڪرڪيٽ ۾ پرفارمنس جي ڳالهه ڪريو، شاديءَ جو سوال هميشه نه ٿيڻ گهرجي