نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ شادي جي تقريب دوران هڪ ڇوڪريءَ جي شادي جي ڪارڊ جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي ۽ واهپيدارن طرفان بحث مباحثو جاري آهي. ڀارتي شهر حيدرآباد جي گوداوري ضلعي ۾ منفرد ڪارڊ تيار ڪيو ويو. راجا مهيندر اورم ۽ ڪي اي وينڪٽيش پنهنجي ننڍي ڌيءُ اڀي نوي جي شاديءَ جي سلسلي ۾ 2 هزار رپين جي ڪرنسي نوٽ جيان شاديءَ جو ڪارڊ تيار ڪرايو آهي. اهو شادي ڪارڊ جن ماڻهن کي به ڏنو ويو آهي اهي سڀ خوش به ٿي رهيا آهن ۽ پريشان به آهن. ڄاڃي خوش ان لاءِ ٿي رهيو آهن ته انهن کي منفرد ۽ دلچسپ انداز ۾ شاديءَ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ پريشان ان لاءِ آهن جو شاديءَ جو ڪارڊ 2 هزار جي نوٽ وارو آهي ته گهور ۾ گهوٽ ڪنوار کي ته ان کان وڌيڪ رقم ڏيڻي پوندي.