لاهور(اسپورٽس نيوز) ٽيسٽ اسپنر شاداب خان جي فٽنيس بحالي جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو. ڊاڪٽر آل رائونڊر کي 4 هفتن لاءِ آرام جو مشورو ڏيندي معمولي قسم جي ورزش جي هدايت ڪئي هئي، شاداب واڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، 2 ڏينهن ۾ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ رپورٽ ڪندو جنهن جي روشني ۾ بحالي جي ڪاڻ ايندڙ لائحه عمل جوڙيو ويندو.ياد رهي ته اپريل جي ٻئين هفتي ۾ پروٽيز خلاف ٻئين ون ڊي ۾ بيٽنگ ڪندي شاداب خان جو آڱوٺو زخمي ٿي پيو هو جنهن جي ڪري هو ڏکڻ آفريقا ۽ زمبابوي خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو هو.